اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي قرآن ڪريم جي تقدس جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي د??يا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مق??س هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي د??يا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته د??يا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مق??س، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار اد?? ڪن. د??يا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. د??يا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.
وزيراعظم پاران جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل، هر پاڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina