اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الر??ما?? جي ره??ئشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يق??ني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ??ار??نن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الر??ما?? انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه آمد، ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil