لنڊن – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. واضح رهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت ڪش??يرين جي مرضي ۽ خواهشن جي خلاف سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڄمون ۽ ڪش??ير تي زبردستي ق??ضو ڪيو هو. ڄمون ۽ ڪش??ير ڪاري ڏينهن جي هن تقريب ۾ ڪراس پارٽي برٽش پارليامينٽرينز، ڪش??يري اڳواڻن، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان، ??گر??ن وزيراعظم ۽ ??گر??ن پرڏيهي وزير جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. هائي ڪمشنر پنهنجي ريمارڪس ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڪاري ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ڀارت 76 سال اڳ الحاق جي دوکيبازي جي بنياد تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري عا??مي ق??نونن ۽ اخلاقيات جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن ڀارتي ق??بض فوج جي هٿان بيگناهه ڪش??يرين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڌيان ڇڪرايو. هائي ڪمشنر ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ظالماڻي ق??نونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عا??مي ڪارروائي جي فوري ضرورت ت?? زور ڏنو. برطانوي پارليامينٽرينز ۽ مقررين والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني بحران بابت خدشن کي اجاگر ڪندي ڪش??يرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هنن برطانيا جي حڪومت کان ڪش??يرين جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو. هنن برطانيا جي پارليامينٽ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت ت?? زور ڏنو ته هو انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پهچ فراهم ڪري. انساني حقن ۽ خودمختياري جي معاملي تي زور ڏيندي هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن جي بنياد تي عا??مي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ هائي ڪميشن ۾ هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي ق??بض فوج پاران جاري ظلمن جا ثبوت تصويرن جي صورت ۾ ڏيکاريا ويا.
پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا