ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي م??ضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تائين عالمي پهچ کي لازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حڪمت عملين ۾ معاون ٽيڪنالاجي جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي م??اون ٽيڪنالاجيز جي ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ڪيو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معاون ٽيڪنالاجي (اي ٽي) تي پهريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزارن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي م??اون ٽيڪنالاجي جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي م??هرن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ تعاون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي م??ڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽيڪنالاجيز ?? سيڙپڪاري ڪن. خاتون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 بلين ??اڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاون پروڊڪٽ جي ضرورت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها پهچ رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي م??ڻهن جي لاءِ استعمال، دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان کي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ا?? ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته معاون ٽيڪنالاجي انهن تائين ??هچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معاون ٽيڪنالاجي تائين ??هچ کي وڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي م??اون ٽيڪنالاجي جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معاون ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ ا??هن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي م??اون مصنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معاون ٽيڪنالاجي جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ معاون ٽيڪنالاجي تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن، علم ۽ وسيلن کي ورهائڻ سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معاون ٽيڪنالاجي عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ا?? ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدمتون خصوصي م??ڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن. هن معاون ٽيڪنالاجي جي م??لسل جدت ۽ بهترين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پاران وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تائين عالمي پهچ لازمي قرار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی