اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏو??ڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي ب??ادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استع??ال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آه?? جو ڪوبه ڪشمير ڪاز سان غدار?? جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪشمير مسئل?? جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.
ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج