اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ صدر ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي ۽ سياحتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته ازبڪستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ڀائر ملڪ ازبڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ٻطرفا وا??ار?? ۽ ??قت??ادي لاڳاپا وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، ??اڪ??تان علائقا??ي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي، وچ ايشيائي ملڪ ??اڪ??تان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻن. صدر ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ بارٽر ٽريڊ، مقامي ڪرنسي جي استعمال، وا??ار?? لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ جون تجويزون ڏنيون. پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جو ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، گڏيل حصيداري بهتر بڻائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻطرفي وا??ار?? ۽ ??قت??ادي تعاون وڌائڻ جي لاءِ ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ لنگهه سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
صدر آصف علي زرداري سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ