آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاهر ڪيو ??هي ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عم??ي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ??ي. ??زيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن اتفاق ڪيو ??ه ازبڪستان خطي جي ملڪن جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻ??هي اڳواڻن ان حوالي سان دستياب مختلف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ترمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ خوشحال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ??ه ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عم??ي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ٻ??هي اڳواڻن افغانستان جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورتحال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻ??هي جي گڏيل عزم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia