لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چي?? آهي، ته نفرت ۽ وراثت جي سياست ڪندڙن جي پنهنجي پارٽي اڄ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي، تحريڪ انص??ف ۾ ڪيتريون ئي ڊس انفارميشن سيل ۽ گروپس هلي رهيا آهن، عليمه خان گروپ ۽ بشريٰ بي بي گروپ وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي، ڏڦيڙ جي سياست جو بنياد پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين رکيو هو. هن ملڪ سلامتي کي نقصان پهچائڻ کان ڪنهن به پاسو نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ان جي پنهنجي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ملڪ ۽ قومي ادارن خلاف پروپئگنڊه ڪري رهي آهي، نه صرف ملڪ جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر هنن پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ کان به نه ڪيٻايو. وفاقي وزير چي?? ته ڏڦيڙ جي سياست جو بنياد پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين رکيو. ڏڦيڙ ۽ نفرت جي سياست معاشري کي ورهائڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو انجام ڪڏهن به سٺو ناهي هوندو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ان جي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جو شڪار آهي. پي ٽي آءِ اندر مختلف گروپس بڻجي ويا آهن، جيڪي روزاني هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن، انهن گروپن پارٽي اندر ورهاست ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي آهي، هن چي?? ته اڄ عليمه خان جي رئوف حسن سان ڳالهه ٻولهه سامهون آئي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته بشريٰ بي بي پنهنجي ڌار ڊس انفارميشن سيل هلائي رهي هئي. هن چي?? ته عليمه خان گروپ ۽ بشريٰ بي بي گروپ وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي، انهن ماڻهن ملڪ ۽ معاشري کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ انهن جي پنهنجي پارٽي ڀڃ ڊاهه ۽ ورهاست جو شڪار آهي، هن چي?? ته عليمه خان رئوف حسن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چي?? ته بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي جيل عملدارن سان ڳالهين م غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عليمه خان اهو به چي?? ته بشريٰ بي بي ٻا??ر اچي ڇو رُني؟ وفاقي وزير چي?? ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بشريٰ بي بي همدردي جو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ ان جي ڪوڙي بيانئي کي عليمه خان ڪوڙو قرار ڏنو. هن چي?? ته انهن گروپن ۾ پارٽي تي قبضي جي جنگ جاري آهي، هڪ پاسي عليمه خان رئوف حسن کي چئي رهي آهي، ته بشريٰ بي بي ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ان بيانئي ذريعي هوءَ پارٽي تي قبضو ڪري وٺي. وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ ۾ ڪيترائي ڊس انفارميشن سيل هلي رهيا آهن. هڪ سيل رئوف حسن، عليمه خان سان گڏجي هلائي رهيو هو، ٻيو سيل بشريٰ بي بي هلائي رهي هئي. هن چي?? ته عليمه خان جي ڳالهه ٻولهه سان کاڌي ۾ هارپيڪ جا ڦڙا وجهڻ جي ڳالهه به کُلي سامهون اچي وئي آهي. هن کي عليمه خان ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ چي?? آهي، ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. هي بلڪل فضول ڳالهه آهي جيڪا بشريٰ بي بي ڪئي، نه زهر واري ڳالهه سچ آهي ۽ نه ئي اهڙا ڪا ڳالهه پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ جيلر وچ ۾ ٿي آهي. عليمه خان چي?? ته بشريٰ بي بي جي بيانئي ۾ ڪا به صداقت ناهي. وفاقي وزير چي?? ته اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته هارپيڪ جا ڦڙا کاڌي ۾ ملايا پيا وڃن حالانڪه ان جو کاڌو گهر ۾ ايندو هو، ان کي جيل ۾ سموريون سهولتون ميسر آهن. هن چي?? ته هي ٻئي گروپس پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، هي پارٽي تي پنهنجي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان ڪوشش ۾ ٻنهي گروپن جي ويڙهه شدت اختيار ڪري وئي آهي. وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ معاشري ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ ان جي پنهنجي پارٽي ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي شڪار آهي. هن چي?? ت عليمه خان گروپ پاڪستان ۾ جڏهن ته بشريٰ بي بي گروپ جا ڪيترائي ماڻهو پرڏيهه ۾ ويٺا آهن جيڪي اتان ڊس انفارميشن پکيڙين ٿا. هن چي?? ته پارٽي تي قبضي جي جنگ ۾ هن ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، هن ملڪي ادارن خلاف مهم هلائي، آءِ ايم ايف جي ڊيل خراب ڪئي ۽ قومي سلامتي جي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وزيراعظم ۽ سپه سالار خلاف ڪوڙ تي ٻڌل مهم هلائي. ان جا ڊس انفارميشن سيل صرف سياسي مفادن لاءِ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هي سياست لاءِ نه پر پارٽي ۾ ورهاست ۽ قبضي ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو هو. هن چي?? ته انهن ٻنهي عورتن جي جنگ گهڻو وقت اڳ شروع ٿي چڪي هئي، بشريٰ بي بي ماڻهن جي ذهن سازي ڪرڻ شروع ڪئي ته هوءَ پارٽي تي پنهنجو قبضو قائم رکڻ چاهيندي هئي، هاڻي عليمه خان بشريٰ بي بي کي ايڪسپوز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته تحريڪ انص??ف ۾ انهن ٻنهي ڊس انفارميشن سيل وچ ۾ هڪ جنگ جاري آهي. ملڪي سياست کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪير پهچائي ٿو.هن چي?? ته رئوف حسن جا عليمه خان سان ويجها رابطا آهن، انهن جو ڌار ڊس انفارميشن سيل هلي رهيو آهي. هن چي?? ته پاڻ ۾ ويڙهه ۾ پي ٽي آءِ ا?? ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. حماد اظهر به ان لاءِ استعيفيٰ ڏني. هن پنجاب ۾ پارٽيءَ کي آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو. هن چي?? ته تحريڪ ڏڦيڙ ۾ اقتدار جي جنگ جاري آهي، سياسي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، تحريڪ ڏڦيڙ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجندي نظر اچي رهي آهي. پارٽي جا ڊس انفارميشن سيلز پاڻ ۾ مقابلو ڪري رهيا آهن، هي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ملڪي مفادن کي قربان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهياآهن.
تحريڪ انتشار اڄ پاڻ انتشار جو شڪار آهي، عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ ڇڪتاڻ مڪافات عمل آهي: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا