اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آه??، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آه??، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار و??ري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ ل??ءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار و??ضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ ل??ءِ حڪومت طرفان ڪو ??ه هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil