نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان سان تعاون کي ساراهيندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملاقات ڪئي. هلندڙ سال جون ۾ بل گيٽس جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ڊسمبر 2024ع ۾ سيٽل مين گيٽس فائونڊيشن جي دوري جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽيڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونديشن جي پاڪستان سان تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ان ڪوشش ۾ پراڻي تعاون تي بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي مضبوطي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان جي پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن جو اعتراف ڪندي بل گيٽس زور ڏنو ته پوليو جو خاتمو ايندڙ نسلن کي ان موذي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن سڄي مل?? ۾ ??وليو ويڪسين پروگرام ۾ وزيراعظم جي ذاتي نگراني ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ساراهيو. بل گيٽس افغانستان سان صحت جي جامع ڊائيلاگ تي روشني وڌي ۽ ا??هن قدمن جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي. هن انهن جاين تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي پنهنجي رضامندي جو پڻ اظهار ڪيو جتي ٻارن کي پوليو ويڪسين اڃا تائين ميسر نه ٿي يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار جو انگ وڌيڪ آهي، خاص طور تي جتي ٻارن کي بيماري لڳڻ جي شرح وڌيڪ آهي. گيٽس وزيراعظم کي شاهه سلمان انسا??ي امداد ۽ ريليف سينٽر جي پوليو ۽ ٻي صحت بابت امداد جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم سان بي ايم جي ايف جي غذائيت تي ڪم خاص طور تي حاملا عورتن جي لاءِ مائيڪرو نيوٽرينٽس بابت پڻ ٻڌايو ۽ چيو ته يونيسيف جي تعاون سان ان??ن کي اضافي وٽامن فراهم ڪري ان کي ڪيئن وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم گيٽس فائونڊيشن جي غزه ۾ پوليو مهم کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب تڪرارن جي حل تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳي اتحادي هجڻ تي بي ايم جي ايف کي ساراهيو ۽ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي، ايس ٽي اي ايم، تعليم، زر??عت ۽ لائيو اسٽاڪ جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
وزيراعظم پاران پاڪستان مان پوليو جي خاتمي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت، حفاظتي ٽُڪن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ