اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چ??و آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 2 خوارج کي جهنم واصل ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي بهادري تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم جي مدد س??ن دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ بڻائڻ جي لا??ِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، قوم کي پنهنجي جانباز جوانن تي فخر آهي جيڪي ملڪ جي حف??ظت ج?? لا??ِ هر وقت تيار آهن.
مضمون کا ماخذ : ریل رش