فيصل آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مٿاھين ۽ وچ وارن علائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين تيز ھوائن ۽گج گوڙ سان برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو آھي ته 25 سيپٽمبر جي رات کان گهم واريون ھوائون نار بنگال کان ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ ھڪ اولھه جي لھر 26 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رھي آھي. جنھن سبب وقفي وقفي سان تيز ھوائن ۽ گج گوڙ سان برسات جڏھن ته ان ??ور??ن ڪجھه ھنڌن تي تيز برسات جو پڻ امڪان آھي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر جي شام ۽ پھرين آڪٽوبر تائين فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن فيصل آباد، ج??نگ، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، چنيوٽ سميت اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، ج??لم،منڊي بھاالدين،گجرات، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، وزير آباد جڏھن ته 27 سيپٽمبر جي رات کان پھرين آڪٽوبر ??ور??ن ساھيوال، ننڪانه صاحب، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، او??اڙ??، پاڪپتڻ، قصور ۽ ڀڪر ۾ تيز ھوائن، طوفان ۽ گج گوڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آھي ھن چيو ته تيز برساتن سبب مري، گليات، منسھره، ڪوھستان، چترال، گلگت بلتستان، دير، سوات، شانگله، نوشھره، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وھڪر ۾ اضافي جو امڪان آھي جڏھن ته تيز برسات سبب اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، قصور ۽ سيالڪوٽ جي ھيٺاھين علائقن ۾ شھري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھن چيو ته طوفان اچڻ، ج??ڪ ھلڻ ۽ گج گوڙ سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪمزور انفراس??رڪ??ر، ڀتين، بجلي جا ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پينل کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته آبادگار موسمياتي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکي پنھنجا معاملا ترتيب ڏين. ان کانسواءِ مسافر ۽ سير تي ويندڙ ماڻھو سفر ??ور??ن وڌيڪ محتاط رھن ۽ موسمي حالتن مطابق پنھنجي سفر جو انتظام ڪن جڏھن ته تيز برساتن ??ور??ن ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ موسم بابت آگاھي حاصل ڪن.
موسميات کاتي پاران 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ھوائن ۽ گج گوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز