اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جم??وريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر جم??وريت بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جم??وريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر جم??وريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر جي خلاف عوام جي حقن ۽ جم??وريت جي بحالي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو جي جم??وريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جم??وريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جم??وريت جي لاءِ سندس قربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري??ن ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظل?? ۽ ??اڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر جم??وريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ هئي، هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن جي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري??ن ٿا.
ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena