اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀر??و آهي ته هو ??ار?? جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ??ار?? ڄمون ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج ڪشي ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??ار??ي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام ??ار??ي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ??ار?? والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل علائقن مان هڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏ??و آهي. هن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪشميري ش??يد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪشميرين جي اصل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو و??و آهي. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا منصفاڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي توثيق ڪري چڪي آهي. ان جي باوجود ??ار?? انهن قراردادن جي خلاف ورزي ۽ ڪشميرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آ??و آهي. هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ??ار?? والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ا?? جي آبادياتي ۽ سياسي منظرنامي کي بدلائڻ جي قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪ??و آهي. اهي ڪارروايون ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ??ار??ي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چيو ته انهن جي جابراڻي حربن باوجود ڪشميري عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد تي قائم آهي. اسان ??ار?? جي جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جي منصفاني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ا?? ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن کي نظر انداز ڪرڻ ڊگهي ا??ن جي ضمانت ناهي. هن چيو ته ڪشميرين جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ذميواري کي وڌيڪ نظر اندا?? نٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو ??ار?? تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي، ڪشميرين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.
عالمي برادري ڀارت تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2