اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ??ورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ڪ??ٿ سوينڊسن ڪالهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي س??ير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جي س??ير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد ??ورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي س??ولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي واري وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفر??سٽ??ڪچر جي تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ