رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ يونيسيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ڪي ا??س رليف جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ?? يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين ساليا??ي اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت ڪي ا??س رليف ۽ يونيسيف وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انسا??ي امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب يونيسيف جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ٻارن ۽ انهن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي يونيسيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان سان اداري کي سڄي دنيا ۾ ضرورتمند لکين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ا??س رليف جي هدف جي فريم ورڪ تحت اچي ٿو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن سان سهڪ??ر کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل