غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کا?? وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کا??پوءِ هزارين فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ??را??نگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ??را??نگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ته رفح ??را??نگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائي حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کا?? ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا ??ند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ڏنو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپلائي ??ند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلاعن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ??را??نگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ بندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ??را??نگ تي ڦاٿل آهن. هي ??را??نگ غزه مان نڪرڻ جو واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کا??پوءِ رفح ??را??نگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي رفح ??را??نگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن