دوحه-19 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ??بردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ج??ري جنگ جو ٻين علائقن تائين پکڙجڻ جو حقيقي خطرو موجود آهي ۽ هي بي حد خطرناڪ صورتحال آهي، وچ اوڀر جي امن ??مل لاءِ گڏيل قومن ??ي خصوصي ڪوآرڊينيٽر ٽوروينس لينڊ سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان کي خطي ۽ عالمي برادري لاءِ هڪ تباهي آڻيندڙ ۽ واضح طور تي مش??ل چئلينج درپيش اهي ۽ عالمي ادارن کي ان طرح جي پکڙجندڙ بحران کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. ترڪيه خابرو اداري موجب هن دوحه مان وڊيو ڪال ذريعي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته کيس خدشو آهي ته اسان هڪ گهري ۽ خطرناڪ صورتحال جي دروازي تي آهيون جيڪهن پوري وچ اوڀر نه ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي مستقبل جي امڪانن کي تبديل ڪري سگهي ٿ??، هن ان تڪرار کي گذريل 75 سالن ۾ اسرائيلي ۽ فلسطيني عوام کي درپيش سڀ کان مشڪل لمحن مان هڪ قرار ڏنو. هن چيو ته غزه اسپتال تي حملي جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي.
غزه ۾ جاري جنگ پکڙجڻ جو خطرو حقيقي آهي: گڏيل قومن جي تنبيهه
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری