ڪولالمپور -07 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا ڄاڻايل آمريڪي قانون تحت حماس ۽ ٻين ويڙهاڪ ??لسطيني گروپن جي حامين تي پابنديون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطان??ي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ ۾ هڪ لکت وار?? جواب ۾ چيو ته سندس ملڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفين پابندين کي تسيلم نه ڪندو. آمريڪي نمائندن واري ايوان گذريل هفتي حماس انٽرنيشنل فنانسنگ پريوينشن ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي جنهن جو مقصد حماس ۽ ٻين فلسطيني گروپن کي ملندڙ عالمي مالي امداد ??ي روڪڻ هو. ان بل جي آمريڪي سيينٽ مان منظوري اڃا باقي آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته ڄاڻايل آمريڪي بل ملائيشيا کي تڏهن متاثر ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته حماس يا اسلامي جهاد ??ي مالي مدد فراهم ڪئي ??ئي ??ئي. هن چيو ته ملائيشيا خلاف ڪي به پابنديون آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي ڪمپنين جي تشخيص سان گڏوگڏ ملائيشيا ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جا موقعا به متاثر ڪري سگهن ٿيون. واضح رهي ته ملائيشيا جا اسرائيل سان سفارتي ناتا قائم ناهن.
فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفيون آمريڪي پابنديون نه مڃينداسين: ملائيشيا
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena