گڏيل قومون -20 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته دوحه ۾ ٻن ڏينهن جي اجلاس کانپوءِ عالمي نمائندن جو ا??غا??ستان بابت ڪجهه اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي . سي جي ٽي اين موجب هن اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان ا??غا??ستان ۾ امن چاهيون ٿا اسان جي خواهش آهي ته هو هڪ خودمختيار ??يا??ت جي واعدن ۽ عالمي ذميوارين کي نڀائڻ جي قابل ٿين. هن چيو ته ا??غا??ستان جي حڪومت کي عالمي ط??ر تي تسليم نٿو ڪيو وڃي ۽ گهڻن پهلوئن کان عالمي ادارن ۽ عالمي معيشت ۾ ضم نٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي عالمي سطح تي ا??غا??ستان ۾ انساني حقن خاص ط??ر تي عورتن ۽ ني??ڻين لاءِ بگڙجندڙ حالتن جو تاثر عام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ ا??غا??ستان جي اختيارين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انتونيو گوتريش جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چين، روس ۽ آمريڪا سميت 20 کان به وڌيڪ ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ا??غا?? اختيارين شرڪت نه ڪئي. گڏيل قومن ??ي سربراهه موجب ا??غا?? اختيارين پاران اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جيڪي شرط رکيا ويا هيا اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا.
افغان اختيارين جي غير موجودگي باوجود افغانستان جي مسئلي تي اتفاق راءِ ٿي ويو: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات