گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) غزه ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم هلائيندڙ گڏيل قومن جي امدادي اهلڪارن چيو آهي ته ??و جن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهي پهريان ئي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ گذ??يل 10 مهينن کان وڌيڪ عرصي ک??ن جاري جنگ سبب شد??د خوف جو شڪار آهن. امدادي اهلڪارن مطابق غزه ۾ گذ??يل سال آڪٽوبر ک??ن جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هر 10 مان 9 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اهي بک، غذائي کوٽ ۽ بيماري جو شڪار آهن. فلسطين جي پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي ترجمان لوئيس واٽريج چيو آهي ته غزه جي مرڪزي حصي ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم دور??ن جن ٻارن سان هو رابطي ۾ آيو، جن جو وڏو انگ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي، غزه ۾ موجود غير انساني حالتن سبب ??تي مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. انهن حالتن ۾ غزه جي رهواسين کي طبي سامان، صحت جي حفاظت جي شين ۽ صاف پاڻي جي شد??د ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ??تي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته غزه ۾ سمورين مشڪلاتن باوجود پوليو ويڪسينيشن مهم جاري آهي ۽ امدادي ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ??تي هڪ سال کان 10 سالن جي عمر جي وڌ کان وڌ ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي.
غزه ۾ ٻارن جي اڪثريت بيماري ۽ خوف جو شڪار آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ