ڪراچي – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان مذهبي مخالفت ۾ قائم ناهي ٿيو پر تڪرار کي روڪڻ لاءِ وجود ۾ آيو، مذهب جي بنياد تي فرق روا رکڻ ڪنهن به طور تي درست نه آهي، زوري مذهب تبديل ڪرائڻ ڏوهه آهي، اسان جو ??م ماڻهن جي جنت ۽ دوزخ جو فيصلو ڪرڻ ناهي پر هن دنيا کي سڀني لاءِ جنت بڻائڻ آهي، اسان کي امن، استحڪام ۽ ترقي جي نالي تي گڏ ٿيڻو پوندو. هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ??ولي جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي هن هندو برادري کي هولي جي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته کيس ان تقر??ب ۾ شرڪت سان بي حد خوشي ٿي رهي آهي، تقر??ب ۾ شرڪت ڪندڙن جو خوش ۽ جذبو سٺو لڳو آهي، 2 سال اڳ به هتي آيو هئس ۽ اڄ هڪ دفعو ٻيهر ان تقر??ب ۾ شرڪت سان اس??ن جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، هن چيو ته هولي رنگن ۽ محبت جو ??ڻ آهي، هر مذهب جا تهوار ان ڳالهه جي اميد ڏياريندا آهن ته انسان کي ڪڏهن مايوس نه ٿيڻ گهرجي، اڄ حالتون جهڙيون به هجن سڀاڻي ضرور سازگار هونديون، آخري فتح سدائين انهن جي هوندي آهي جيڪي حق ۽ سچ سان گڏ بيٺل هوندا آهن.
امن، استحڪام ۽ ترقي جي نالي تي گڏ ٿيڻو پوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو