اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير عبدالله مرذوق الزهراني وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز سان پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صلاحڪار پاڪ – سعودي لاڳاپن ??ي فروغ لاءِ سعودي سفير جي غير معمولي خدمتن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڪيترن ئي دورن جو ذڪر ڪندي سرتاج عزيز ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ??يو.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر