واشنگٽ??- 23 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ چيني ??فا??تخاني چيو آهي ته چين آمريڪي ص??ر جوبائيڊن جي ان بيان جو فيصلائتو جواب ڏيندو جنهن ۾ هن چيني ص??ر شي جن پنگ کي آمر قرار ڏنو هو. روسي خابرو اداري موجب چيني ??فا??تخاني گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته چين جي حڪومت ۽ عوام ملڪ جي سپريم ليڊر خلاف ڪنهن به قسم جي سياسي اشتعال انگيز کي برداشت نه ڪندو ۽ ان کي فيصلائتو جواب ڏيندا. بيان ۾ آمريڪا کان مطالبو ڪيوويو ته هو آمريڪي ص??ر جوبائيڊن جي لفظن جي ناڪاري نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻي ۽ پنهنجا واعدا پورا ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. چيني ??فا??تڪارن موجب آمريڪا ۾ چين جي سفير زي فينگ اربع ڏينهن وائيٽ هائوس ۽ پرڏيهي کاتي جي اعليٰ ??هديدارن سان صدر جوبائيڊن جي بيان تي شديد احتجاج ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪي ص??ر جي چيني ص??ر بابت توهين آ??يز رمارڪس غلط، غيرذميواراڻا آهن ۽ اها کليل سياسي اشتعال انگيزي آهي. ??فا??تخاني چيو ته چين واضح طور تي ان کي رد ۽ ان جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، بيان ۾ چيو ويو ته آمريڪا طرفان چيني ص??ر جي باري ۾ الزام لڳائڻ بنيادي حقيقتن کان سنگين طور تي ابتڙ ??فا??تي ادبن ۽ چين جي سياسي وقار جي ڀڃڪڙي، آمريڪا طرفان ڪيل واعدن جي خلاف آهي ۽ گڏيل اعتماد کي خطري ۾ وجهي ٿو.
جوبائيڊن جي صدر شي جن پنگ بابت بيان جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: چيني سفارتخانو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر