نئين دهلي -30 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن مصروفيتن سبب ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ ج??-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، ڀارت جي پرڏيهي و??ير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته روس جي صدر وزيراعظم نريندر مودي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، ته روس جو صدر ان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي جو سفر نه ڪندو جنهن ۾ برطانيه جو وزيراعظم رشي سونڪ ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن شامل هوندا. پرڏيهي و??ارت چيو آهي، ته 9 کان 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ اجلاس م صدر ولاديمير پيوٽن جي بجاءِ روس جي نمائندگي پرڏيهي و??ير سرگئي لاروف ڪندو. بيان مطابق ڀارتي و??يراعظم نريندر مودي ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي سمورن قدمن لاءِ روس جي مستقل حمايت تي روس جي صدر جو ٿورا به مڃيا. روس جي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته روس جي صدر ۽ ڀارتي و??يراعظم ٻه طرفن ناتن تي ??ڻ ڳالهيون ڪيون. واضح رهي ته روس جي صدر طرفان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن نئين دهلي ۾ اجلاس جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو جي-20 وفدن جي هاڻي تائين جو سڀ کان وڏو اجلاس هوندو.
روس جو صدر ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ جي-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے