نيويارڪ-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سلامتي ??ائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته هو حماس طرفان اسرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ??ا ??ور?? ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان سان اتفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شهرين تي ٿيل سمورن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي ??ور?? طور روڪيو وڃ??، جنگبندي ڪئي وڃ?? ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رڪ??وٽ جو شڪار ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃ??. ان کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ذڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو وڃ?? ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر