بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بريفنگ دوران ??يو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪ??اڻ کان بچنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن ??يو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪ??اڻ کان بچنديون. ترجمان ??يو ته چين هميشه ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ۽ اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ملڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ترجمان ??يو ته ايران ۽ پاڪستان ويجها پاڙيسري ملڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا