بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آه??، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آه??. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سن??ين ڀڃڪڙي آه??. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولي?? ترجيح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي سختي سان عمل ڪرڻ، فوري طور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي ??ثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ آه??. فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آه??. ان مسئلي کي ??ل ڪرڻ جو طريقو اهو آه?? ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪيو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن کي ??حال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز