بيونس آئرس _ 6 جون (اي پي پي ) ارجنٽائن جي حڪومت خرچن ۾ ڪٽوتي جي مهم بيلٽ ٽائٽنگ تحت50 ??زا??سرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شنهوا مطابق ارجنٽائن جي صدر جيويئرملي گذريل ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ۾ چيو ته حڪومت خرچن ۾ ڪٽوتي جو 7 نڪاتي منصوبو جوڙيو آهي . هن چيو ته پينشن سڌارن ذريعي مالياتي خرچن ۾ گه??تا??ي تي ڪانگريس ذريعي عملدرآمد ڪري سگه??ي ٿو . هن جو چوڻ هو ته حڪومت وزارتن جي انگ ۾ گه??تا??ي ڪري پوري ڍانچي کي گهٽ ڪري اڌ ڪري ڇڏيو آهي . هن ڪاروباري اڳواڻن، سيڙپڪارن ۽ اقتصادي ماهرن کي ٻڌايو ته اسان مجموعي طور تي 75 ??زا?? سرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي جنهن مان 25 ??زا?? پهريان ئي فارغ ٿي چڪا آهن . س??دس چوڻ هو ته انهن ڪفايت شعاري جي قدمن کي مخالف ڌر، مزدور ڪنفيڊريشنز، يونينز ۽ سماجي تنظيمن رد ڪري ڇڏيو آهي پر کين ٻڌائي رهيو آهيان ته ايئن ٿي ئي رهندو.هن چيو ته اسان نه رڳو معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون پر بدعنواني کي به ختم ڪري رهيا آهيون.
ارجنٽائن ، حڪومت پاران خرچن ۾ ڪٽوتي مهم تحت 50 هزار سرڪاري ملازم فارغ ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔