گڏيل قومون-15 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ جنگ ??ندي جي معاهدي جي ??جي??ن ڪندي اپيل ڪئي ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل هميشا لاءِ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ تشدد جي سلسلي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل اسرائيل ۽ غزه تي ڇن??ر تي ٿيل جنگ ??ندي جي معاهدي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن معاهدي جي ??جي??ن ۽ تشدد سبب متاثر ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگ ??ندي لاءِ مصر جي اهم ڪردار ۽ قطر، لبنان ۽ آمريڪا جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته جنگ ??ندي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن، بين الاقوامي قانون ۽ اڳوڻن معاهدن جي بحالي جي اهميت جي بنياد تي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل امن ۽ هميشا لاءِ تشدد جي سلسلي جي خاتمي جو سبب بڻجندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسرائيل ۽ غزه کي جنگ بندي تي عمل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل