مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي) حرمين الشريفين جي انتظاميه حج سيزن ۾ حاجي سڳورن جي استقبال جو سڀ کان وڏو آپريشنل پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب الحرمين الشريفين انتظامي?? جي سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السد??س چيو آهي ته هن سال حج سيزن جو آپريشنل پلان انتظامي?? جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي ۽ ڪورونا وائرس وبا جي خاتمي کانپوءِ معمول موجب حج ٿيندو. هن ??يو ته هن سال حج سيزن ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ زائرين لاءِ 185 پروگرام تيار ڪيا ويا آهن. انهن ??ي لاڳو ڪرڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل سسٽم ۽ مختلف شعبن ۾ اليڪٽرانڪ نظام کان ڪم ورتو ويندو. ڊاڪٽر السد??س چيو ته حاجين ۽ زائرين جي خدمت ??سا?? لاءِ اعزاز جي عنوان سان اسپيشل مهم به هلائي ويندي. هن ??يو ته حرمين الشريفين انتظاميه هن سال 14 هزار تربيت يافته اهلڪارن جي خدمت حاصل ڪندي، ايترو وڏو تعداد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙين جاين جتي زائرين وڏي تعداد ۾ هوندا اتي ڪارڪن وڌيڪ انگ ۾ مقرر ڪيا ويندا. مطاف، سعودي دالان، صفا ۽ مرو?? جي وچئين حصي، اندروني ۽ ٻاهرين اڱڻ ۾ هر جاءِ تي ڪارڪن خدمت لاءِ موجود هوندا. هن ??يو ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 8 هزار کان وڌيڪ رضاڪار حاجين جي خدمت ڪندا. مختلف قسم جا 10 ڪم سرانجام ڏيندا، ڊاڪٽر السد??س چيو ته وهيل چيئر سروس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. وهيل چيئرز جو انگ 9 هزار ڪيو ويو آهي جيڪي 24 ڪلاڪ مهيا ٿينديون. تنقل ايپ ذريعي حرم شريف اچڻ کان اڳ وهيل چيئر بڪ ڪرائي سگهبي. ان موقعي تي سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه ۽ سعودي ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا.
حرمين انتظاميه طرفان حج سيزن ۾ حاجين جي استقبال لاءِ وڏو آپريشن پلان تيار، 185 پروگرام ترتيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ