رياض_ 06 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب مسجد اقصيٰ ۾ اسرا??يل?? فوج جي ڇڪتاڻ وارين ڪارواين جي مذمت ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت مسجد اقصي ۾ اسرا??يل?? قابض فوج جي ڇڪتاڻ وارين ڪارواين تي افسوس ۽ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان قسم جون اسرا??يل?? ڪاروايون عالمي امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ ۽ مقدس جاين جي احترام واري عالمي قانوني جي خلاف آهن، سعودي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ان قسم جي قدمن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي جذبن کي ڇيهو رسي ٿو، بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها اسرا??يل?? قبضي کي ختم ڪرائڻ ۽ شهرين کي ضروري تحفظ فراهم ڪندي تڪرار کي مستقل بنيادن ??ي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي تيز ڪري.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز