قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر غزه ۾ ا??را??يلي بمباري کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪرا??نگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب مصر جي صدارتي ترجمان احمد فهمي پنهنجي بيان ?? چيو آهي ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن رفح ٽرمينل ذريعي غزه جي پٽي ۾ انساني امد??د جي پائيدار فراهمي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن ان کان اڳ غزه ڪرا??نگ کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي مص?? ا?? جي تصديق ڪئي آهي ته غزه جي پٽي تائين انساني امداد رفح ڪرا??نگ ذريعي گذريندي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ هڪ بيان ?? چيو ويو هو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي لاڳپايل عملدارن آمريڪا جي نگراني هيٺ عالمي انساني حقن جي گروپن سان تعاون سان فراهم ڪندا. آمريڪي صدر جوبائينڊن رستن جي مرمت جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته امد??د جي کيپ کڻي ويندڙ ٽرڪ ممڪن طور اڄ تائين سرحد پار نه ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته هن وقت رفح ڪرا??نگ کان غزه ويندڙ رستن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي بمباري سبب وڏا کڏا پئجي ويا آهن جيڪي ڀريا پيا وڃن ۽ شايد اڄ جمعي تائين هن روڊ کي سفر جي قابل بڻائي سگهجي.
مصر رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، 20 ٽرڪ امدادي سامان جي کيپ کڻي اڄ جمعي تي غزه پهچندا
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری