جنيوا _ 22 مئي (اي پي پي ) عالمي صحت واري اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهنوم گيبريس چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل طرفان امدادي سامان ۽ خاص ط??رت?? طبي شين جي ترسيل ??ي لاڳو پابندين کي ختم ڪري رفع راهداري جي رستي دوائن ۽ طبي اوزارن جي غزه تائين رسائي ممڪن بڻائي وڃي . العربيه اردو مطابق هن جنيوا ۾ نيوز ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرف غزه جي ماڻهن کي غذائي شين ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻئي پاسي طبي ضر??رت??ن به دستياب ناهن ڇو ته ان جي ترسيل ۾ اسرائيل رڪاوٽ آهي . عالمي صحت واري اداري جي سربراهه اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو رڪاوٽن کي ختم ڪري ۽ غزه ۾ امدادي سامان خاص ط??رت?? طبي سامان جي منتقلي ممڪن بڻائي . ڇو ته غزه ۾ امداد ۽ طبي امداد جي ترسيل سان اتان جي آبادي جي زندگي بچا??ڻ مشڪل ناهي پر ان کي ناممڪن بڻايو ويو آهي .
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا