رام الله-07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني ??ٿارٽي جي صدر محمود عباس اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر طور فلسطين جي موقف جي حمايت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهڙو اظهار محمود عباس ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيون ڀيرو آمريڪي صدارتي چونڊون کٽڻ تي مبارڪن واري پيغام ۾ ڪيو. فلسطيني ??در پنهنجي مبارڪن واري بيان ۾ ان اعتماد جو به ذڪر ڪيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته صدر طور اوهان جي قيادت ۾ آمريڪا فلسطينين جي آزاد رياست جي قيام لاءِ فلسطينين جي جائز ۽ قانوني موقف جي حمايت ڪندو. بيان ۾ اها به اميد ظاهر ڪئي وئي ته ڊونلڊٽرمپ آزادي واري حق، حق خوداراديت ۽ بين ??لاقوامي قانون موجب آزاد فلسطيني ??ياست لاءِ فلسطيني ??زم جي توثيق ڪندو.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena