سانتياگو-29 نومبر (اي پي پي)لاطي??ي آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آبادي 2024ع ۾ 66 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي وئي جيڪا 2000ع ۾ لڳايل اندازن کان 3.8 سيڪڙو گهٽ آهي. اها ڳالهه چلي ۾ قائم گڏيل قومن جي لاطي??ي آمريڪا ۽ ڪيريبين بابت اڪنامڪ ڪميشن طرفان ??اري رپورٽ ۾ چئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي اداري جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري جوز مينوئل سالزار زيريناڪس طرفان ??پورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو ??ه هلندڙ صدي جي شروعات ۾ انهن خطي جي پيدائش جي شرح ۾ اميد کان وڌيڪ تيزي سان گهٽتائي ٿي ۽ ڪووڊ -19 جي وبائي بيماري ۽ لڏپلاڻ به ان ??جحان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ??ه سندن ادارو آبادي جي صح?? کي هٿي ڏيڻ ۽ گهٽ آمدني وارن گروپن، صح?? جي سارسنڀال ۽ سماجي تحفظ جي نظام تائين سڀني کي پهچ کي يقيني ب??ائ?? جو مطالبو ڪري ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته 2000ع ۾ ماهرن اندازو لڳايو هو ته 2024ع تائين خطي جي آبادي 68 ڪروڙ 90 لک تائين پهچي ويندي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته انهن ملڪن ۾ 2000ع ۽ 2023ع جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيل موت جي شرح اندازن کان وڌيڪ رهي جيڪا ڄاڻايل خطي ۾ آبادي جي گهٽتائي جو سبب به ٿي سگهي ٿي.
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آبادي 66 ڪروڙ 30 لک ٿي وئي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد