اسلام ??باد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري ??رڪ??ري زمين آزاد ڪرائي ويندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ ناجائز قبضن جي خلاف جاري آپريشن جو پهريون مرحلو محرم الحرام کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ان کانپوءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ قبضن جي خلاف آپريشن ڪيا ويندا، سي ڊي اي قبضن جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ سم??ري??ن قانوني گهرجون پ??ري??ن ڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان جلد ڪراچي جو دورو ڪندو، اتي جلد صفائي مهم شروع ڪئي ويندي، ڪراچي جي عوام ??حريڪ انصاف کي سڀ کان وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي. سي ڊي اي پاران غيرقانوني قبضن جي خلاف جاري آپريشن جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري ??رڪ??ري زمين آزاد ڪرائي ويندي.
ناجائز قبضا ختم ڪري سرڪاري زمين آزاد ڪرائي ويندي: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن