اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏکڻ ڪوريا جي سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪوريا سان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي ??گاهه سان ڏسن ٿا، ڏکڻ ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آه??، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ??وري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت سان وطن پهچايو، ڏکڻ ڪوريا جي درخواست تي پاڪستان 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي ورتو آهي، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي ??عاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي ??وجودگي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ ڪوريا جي ??چ ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي ??وجوده گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، واپار جي ??روغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻنهي ملڪن جي ??اءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي تي مشتمل ملڪ پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ڪري پاڪستان سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي ??حاظ کان اهم ملڪ آهي.
صادق سنجراڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي ??اڳت سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران پاڪستان ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي ??يام جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صادق سنجراني چيو ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ??ارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي ??چ ۾ وفدن جي ??ٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي ??ٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.