اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام کي انساني بنيادن تي ام??اد جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار امن جي ل??ءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي ل??ءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪر?? ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪر?? آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ?? تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪر?? ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪر?? جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انساني ام??اد ۽ مدد فراهم ڪر?? تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ بنيادي شرط آهي.
گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام