اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ايل اين جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آهي جنهن جي ??ري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي حڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ??وششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه ??ڪري رهيا آهن، گذريل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسان جي حڪومت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آهن، اسان کي اهو سوچڻو پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي ??ابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي ??يڻ جي ??ري اسان ايل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن چيو ته ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي ??ڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه ??جي ها. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ??ري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل حڪومت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ته اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ??ئي ها، هن گئس خريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه ??ئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزي??اع??م چيو ته جيڪڏهن بجلي نه ??جي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ??لي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آهي ان جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن چيو ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ان قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنهن جي ??ري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍڻو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزي??اع??م چيو ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.
اڳوڻي حڪومت جي مجرماڻي غفلت سبب اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم