اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه صرف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته اهو ڏينهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فلسطيني عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪند?? آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ ??ليل آهي. ??زي??اعظم چيو ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ??ڏي?? قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران فلسطيني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج