اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ م??زبان ضيا??َ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآ??َ محي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضيآ??َ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو ن??لو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضيا??َ محي الدين وڏو ن??لو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضيا??َ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مق??م ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب پاران ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais