اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ?? ڀارتي قابض فورس راجوڙي، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته راجوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت ج?? غيرقانوني قبصي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت ج?? نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪان ??بط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت ج?? غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز