اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بل??چستان ۾ سلا??تي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بل??چستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??لا??تي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ به??ر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن ک?? اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش