گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀ??ي، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي ??گران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي ??وجود ??ئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي ??ڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري، فاتحه خواني، گل چاڙهيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں