اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. هندو ا??ته??پسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي 31 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ ڀارت ۾ تاريخي ”بابري مسجد“ جي شهيد ڪرڻ جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن 31 سال اڳ ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جي موجودگي ۾ هندو جنونينن جي هڪ هجوم ايوڌيا ۾ صدين پراڻي مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي اعليٰ عدليه ان نفرت انگيز فعل جي ذميوار ڏوهارين کي نه رڳو آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ايندڙ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ ان م??در جو افتتاح جنوري 2024ع ۾ متوقع آهي. بيان م??جب بابري مسجد جي شهادت جو سبب بڻجندڙ مسلمان مخالف جنون بدستور جاري آهي، ڪجهه هفتا اڳ ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير ان ڳالهه جو عوام ۾ کلي اظهار ڪيو ته مسجد کي شهيد ڪرڻ پاڪستان جي ڪجهه حصن تي ٻيهر دعويٰ ڪرڻ جي نموني طور تي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ عنصر مسلمانن جي خلاف هسٽريا ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن، اڄ هندو بالادستي جي لاءِ سرگرم گروهه ڪيترين ئي ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن جن ۾ وارانسي جي گي??نواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد شامل آهن. بيان م??جب ڪيترين ئي مسجدن ۽ مزارن کي مختلف انتظامي قدمن يا عدالتي عمل جي آڙ ۾ اڳ ۾ ئي شهيد ڪيو ويو آهي، مسلمانن جون م??دس جايون به ا??ته??پسندن جي هجوم جي حملن جو نشانو بڻيل آهن. پرڏيهي آفيس چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگ??ز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. بيان ۾ پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي.
ڀارتي حڪومت اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز