اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي اهتمام هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان قومي ميڊيا جي لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان هڪ ڏي??هن وارو تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو. تربيتي سيشن جو مُکيه مقرر سينيئر صحافي متين حيدر ڪئي، سيشن ۾ اي پي پي جي رپورٽرز، ڪئميره مين، نيوز ايڊيٽرز شرڪت ڪئي. متين حيدر عام چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي لاءِ تجويزن ۽ ضابطه اخلاق بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي سدائين ٺوس نوٽس وٺڻ گه??جن يا چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار جي تقرير کي عوامي سطح تي جلسن ۾ رڪارڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن بيانن ۾ ڪو ابهام نه رهي. هن چيو ته نمائندن کي عوام سان اميدوارن جي ا??هن ملاقاتن ۾ ايندڙ سائيڊ اسٽوريز تي پڻ ڌيان ڏي?? گهرجي، سائيڊ اسٽوريز ۾ عوام، ڪارڪنن، تجربيڪار اڳواڻن ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جا خي??ل هجڻ گهرجن. سينيئر صحافي متين حيدر خي??ل ظاهر ڪيو ته اسٽار رپورٽر بڻجڻ جي لاءِ صحافي کي تنقيدي سوال به پڇڻ گه??جن پر تڪراري نه. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رپورٽر سوال نٿو پڇي سگهي ته ان کي فيلڊ ۾ نه پر نيوز ڊيسڪ تي رهڻ گهرجي. هڪ رپورٽر کي اليڪشن ڪميشن (اي سي پي)، پارٽي اڳواڻن ۽ سياستدانن جي پريس بريفنگ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي اي سي پي کان پڇڻ گهرجي ته ڇا ڪ??هن سياستدان ڪ??هن خدشن بابت ساڻن رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪڏهن به خبر ڏي?? وقت ذريعن جي اعتماد کي ڪڏهن نه ٽوڙيو. اليڪشن کان اڳ ۽ بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪمشنر، ڊي جيز سان ڳال??ه ڪريو، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي لاءِ ڇا ٿي شيئر ڪري ته جيئن رپورٽر پاران شيئر ڪيل معلومات ۾ وضاحت ٿي سگهي. هن چيو ته ميڊيا جو ڪردار واچ ڊاگ وانگر آهي ۽ رپورٽر کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدن موجب چونڊن ۾ اميدوارن جي خرچن جي حد هوندي آهي. هن چيو ته ميڊيا کي مرڪزي ڌارا جي اميدوارن جا انٽرويو ڪرڻ گه??جن ۽ اهم سوال پڇڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ رپورٽر کي چونڊن بابت پارٽين ۽ عوام جي خي??لن جي لاءِ ا??هن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪ??هن موقعي تي هو ڪو توهين آميز لفظ کڻي اچي ٿو ته ان کي سينسر ڪرڻ گهرجي، تجزياتي انٽرويو ڪريو، غيرملڪي مبصرن سان ا??هن جي خي??لن جي لاءِ رابطو ڪريو ۽ غيرجانبداري کي برقرار رکو، سدائين اهڙيون تصويرون ڪڍو جن ۾ سرگرمي جي مثبت تصوير هجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رپورٽر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڪ??هن به خبر سان گڏ اچي ٿو ته احتياط، انتهائي احتياط سان ان کي م??هن ڏيو ۽ ان جي صحيح طريقي سان تصديق ڪريو، چُونڊن واري ڏي??هن شين کي مثبت طور تي اجاگر ڪريو ۽ عوامي راءِ حاصل ڪريو، انساني دلچسپي جي ڪهاڻين جي کوج ڪريو. هن چيو ته ڪڏهن به اهڙي شرٽ نه پايو ج??هن تي ڪ??هن سياسي پارٽي جو لوگو هجي. هن چيو ته خبرن جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت سدائين ساک جو خي??ل رکو، ڪڏهن به نفرت نه ڦهلايو ڇو ته اسان جو ڪم هم آهنگي کي فروغ ڏي?? آهي، رپورٽنگ ڪرڻ وقت پنهنجي اقليتن جو احترام ڪريو. واضح رهي ته متين حيدر جي ٽي وي نيٽ ورڪ ۾ سينيئر تجزيه نگار ۽ اينڪر پرسن آهي. هو اعليٰ ميڊيا هائوسز سان ڪم ڪندي صحافت ۾ اٽڪل 30 سالن جو تجربو رکي ٿو. هو سڄي پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ جو 15 سالا تجربو پڻ رکي ٿو. هڪ صحافي جي حيثيت سان هن 1990ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي عام چونڊن جي ڪوريج ڪئي آهي.
اي پي پي پاران عام چونڊن جي حوالي سان قومي ميڊيا جي لاءِ ضابطه اخلاق جي حوالي سان هڪ ڏينهن وارو تربيتي سيشن منعقد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں