اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جو اس??يڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، سياسي اختلاف ضرور رکو پر ذاتيات کان پاسو ڪريو، ٽيون ڀيرو اس??يڪر جي عهدي تي چونڊجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان تي پنهنجي اڳواڻن، پارٽي ۽ اتحادن جو شڪرگذار آهيان. قومي اس??مبلي ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته کيس هن ايوان ٽيون ڀيرو باوقار منصب تي چونڊيو آهي، ٽيون ڀيرو چونڊجڻ تي پنهنجي قائد نواز شريف، پارٽي صد?? شهباز شريف، پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن)، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ايم ڪيو ايم پاڪستان، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته هو پنهنجي تڪ جي ووٽرن جو ٿورائتو آهي جن کيس چونڊرايو، هن پنهنجي مخالف ڌر سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر جو ٿورو مڃيو جنهن هن جمهوري عمل ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ا??پيڪر جو عهدو هڪ مشڪل ذميواري آهي، اس??يڪر طور قانون، قاعدي موجب ايوان جي ڪارروائي هلائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ??ه سياست ۾ ٺهيل دوستيون اثاثو هونديون آهن، اختلاف باوجود هن ايوان ۾ تعلق ۽ احترام برقرار رهندو. هن اڳوڻي اس??يڪر جي خدمتن کي به ساراهيو. سردار اياز صادق چيو ته حڪومت، مخالف ڌر پاڻ ۾ اختلاف ضرور رکن اهو جمهوريت جو حسن آهن پر ان ۾ ذاتيات تي نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، ملڪ کي درپيش مسئلن تي سياست بدران قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، پريس گئلري جو نمايان ڪردار آهي، ايوان جي ڪارروائي بهترين طريقي سان هلائڻ ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو ڀرپور تعاون رهيو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ا??ان ذاتي پسند ۽ناپسند ۾ الجهون يا عوام جي امنگن تي پورو لهون، اسان کي سياستي وابستگين کان مٿانهون ٿي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي، هن ايوان ۾ موجود سمورا ميمبر باصلاحيت آهن انهن جي صلاحيتن جو اعتراف آهي. سني اتحاد ڪائونسل جي اس??يڪر جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر نئين چونڊيل اس??يڪر سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته ا??ان احتجاجن هن ايوان جو حصو بڻياسين ته جيئن اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون، 8 فيبروري تي پاڪستان جي عوام خاموش انقلاب جو ثبوت ڏنو، اسان جا سمورا ميمبر اسان سان گڏ آهن، هن نگران حڪومت طرفان بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن 2013ع ۾ اس??يڪر طور سردار اياز صادق جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جون حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ