اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ??را??ل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي جو ازالو ممڪن ن?? آهي پر سنگين غلطي جي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زياد??ي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀ??ائ?? آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná