اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان افغا??ست??ن کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا ۽ اهو مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان 18 مارچ تي افغا??ست??ن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغا??ست??ن جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، افغا??ست??ن ڳالهين جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته افغا??ست??ن ۾ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. ترجمان فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحاڻي ڪاررواين خاص طور تي غزه جي شفاءَ اسپتال تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ رپور??س موجب و??ي انگ ۾ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت عام شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته بيگناهه ماڻهن ۽ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري پائمالين جي پڻ شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران ڀارت والاريل ڪشمير جي 14 سياسي پارٽين تي پابند?? هڻي ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي مذمت جوڳي آهي. ڪشمير بابت ڀارتي ليڊرن جي تازن بيانن کي رد ڪندي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي ذريعي ممڪن آهي.
پاڪستان افغانستان کي ڪيترائي ڀيرا ٺوس ثبوت ڏنا، 18 مارچ تي افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔